کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ مٿوڻ ۾ 70 ورهين جو ڌڻي پرتو چانهيون ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. کپرو ڀرسان کاهي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مٿوڻ ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 70 ورهين جو ڌڻي پرتو چانهيون موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي پ پ اڳواڻ محمد حيات چانهيون جو سئوٽ آهي، فوتيءَ جي جنازي نماز ڳوٺ مٿوڻ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.