ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ  تعليم کاتي جي اختيارين  79 گوسڙو استادن ۽ ٻئي عملي کي معطل ڪري کاتيوار ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. معطل ٿيلن ۾ عادل جميل، عادل مصطفيٰ، اخلاق احمد، علي عباس نقوي، علي بخش، علي رضا  شيخ، الهورايو راهوجو، امير ملڪ، انيلا شيخ، عذرا ياسمين، فرح ناز، فضل الرحمان، گلبهار، حامد محمود، حضور  بخش، هيرا لال، هجت الله عباسي، حيدر علي، عمران لطف الله، اقرار احمد، عرفان خاصخيلي، خالد مجيد، لڇو، عباس حسين، محمد اسلم، محمد ابراهيم، مرتضيٰ  راشد، محمد رفيق، محمد ريحان، محمد سليم، محمد شفيع، مممتاز علي، ممتاز حسين، مشتاق جاويد، نبي نور، نديم، نادرشيخ، نادره جبين، نجمه صادق، نواب خان، راحيل گُل، راجو، راشد  حنيف، رضيه سلطانه، عامر حسين، سعيده ڪاشف، ساجد اقبال، صنوبر،  ساره مسيح، سسئي، صابر سلمان، شبنم قاضي، شاهنواز، شڪيل احمد، شرف الدين، شازيه، شهلا معيد ۽ سيد  عبدالرئوف شامل آهن واضح رهي ته ڄاڻايل 79 استاد ۽ ٻيو تدريسي عملو لاڳيتو  غيرحاضر هجڻ باوجود سرڪاري خزاني تي بار بڻيل هو