لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيئر پرسن زيبٽيڪ چيو ته اڄ مان هتي هڪ واعدو ورجائڻ آئي آهيان، اهو واعدو جيڪو منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو، منهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ منهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري ڪيو هو. هن چيو ته روزگار هر انسان جو حق آهي، هي ٽريننگ پروگرام عورتن جي معاشي آزاديءَ جو هٿيار آهي. ان سان سندن گھرن جا چلها ٻرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون ديرو هائوس ۾ زيبسٽ ۽ زيبٽيڪ پاران عورتن کي هنري سکيا مڪمل ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان سان عورتن خودمختيار بڻجنديون، هي هنر عورتن کي ترقيءَ جي راھ تي هلائيندا. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي والده پاران زيبسٽ جو بنياد وجھڻ جو مقصد ملڪ جي پٽن ۽ نياڻين جو مستقبل سنوارڻ هو. مان فخر سان چئي سگھان ٿي ته اسان اڄ تائين 60 هزار نوجوانن کي هنر سيکاري انهن کي پيرن تي بيهاريو آهي. انشاءَ الله هاڻي توهان جي به تقدير بدلبي. ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته پيپلز پارٽي عورتن کي هر شعبي ۾ سماجي، معاشي ۽ اخلاقي طور تي با اختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي.سنڌ حڪومت جديد دور جي لحاظ کان عوام لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.  ان موقعي تي زيبسٽ / زيبٽيڪ جي ڊائريڪٽر وحيده مهيسر آجياڻي تقرير ۾ مهمانن کي ڀليڪار ڪيو.تقريب دوران ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري ٽريننگ مڪمل ڪندڙن عورتن ۾ ٽيبليٽ پڻ ورهايا.