ڪراچي:  جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ گورنرهائوس ۾ سازشون ڪيون پيون وڃن، گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گورنر ڪامران ٽسوري جي مقرري به سواليا نشان آهي، گورنر اهڙا ڪم  ڪري پيو، جيڪي کيس ناهن ڪرڻا، انهن جماعتن کي سوچڻ گھرجي ته جن گورنر کي مقرر ڪرايو، اهو گورنر ڇا ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڪامران ٽسوري  کي گورنر لڳائڻ وقت سوچڻ گھرجي ها ته مٿس ڪهڙا ڪهڙا ڪيس هلي رهيا آهن؟ گورنر هائوس ۾ ڪامران ٽسوري سازشون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سياست تي قابض  پارٽيون نه ٿيون چاهين ته مڪاني اليڪشن ٿئي. هن چيو ته مڪاني اليڪشن دوران ڪراچي جي 5 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي فوج مقرر ڪئي وڃي. اسان وفاقي گھرو وزير ۽ وزارت دفاع کي خط لکي رهيا آهيون، ممڪن آهي ته آرمي چيف کي به خط لکون، هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ  رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، حڪومت جيڪڏهن رينجرز کي امن امان قائم ڪرڻ جا اختيار نه ٿي ڏئي ته انهي جو مطلب ته حڪومت امن امان ڪرائڻ نه ٿي چاهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ترقياتي ڪمن جي مد ۾ خرچ ڪيل  6 هزار  ارب رپين جو حساب ڏنو وڃي.