ڪراچي:  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن  مڪاني اليڪشن تي سواليه نشان ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي ڳالهه نه مڃي، اسان مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين پر فيصلي کي مختلف فورمن تي چيلنج به ڪنداسين، خواجا اظهار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ  چاهي ها ته تڪبنديون شفاف ٿي وڃن ها، هن چيو ته اڄوڪي احتجاج ۾ سڀني پارٽين کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ کي به اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.