گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج، حملي ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جا الزام

0
349
گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج
گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج، حملي ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جا الزام

گهوٽڪي جي ڳوٺ گلڻ لغاري ۾ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڳوٺ جَي وڏيري شريف لغاري ۽ سندس ساٿين فاروق لغاري، وڪيل صديق لغاري سندن بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، آواز اٿارڻ تي مٿن حملو ڪري 3 ڄڻن کي مرڻينگ ڪيو ويو، پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي
مظاهرين هادي بخش لغاري، وڪيل شفيق لغاري، زبير لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪيو ۽ بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي
ڳوٺاڻن دانهيو ته بااثر وڏيري سندن جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، پهريان سندن گهرن جي بجلي ڪٽرائي، آواز اٿاريو ته حملو ڪري ٽن ڄڻن کي مرڻينگ ڪيو
هنن چيو ته اي سيڪشن پوليس بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي، اسان مسڪينن جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران بااثر جي چرچ تي اسان مٿان ئي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

ڊي اِي او گهوٽڪي جعلسازي الزام ۾ معطل

گهوٽڪي ۾ وڏيري تي بجلي ڪاٽڻ ۽ 3 ڄڻن کي مرڻينگ ڪرائڻ جو الزام

گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت مارجي وئي

گهوٽڪي ويجهو شينڪ بند ٽٽي پيو، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل