گھارو (ن پ ا) گهارو ڀرسان ڪي ڊي واھ مان 40 ورهين جي نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، ڊاڪٽرن موجب همراهه ٻڏي فوت ٿيو آهي ۽ لاش تازو لڳي رهيو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي، فوتي همراهه جي جسم تي ڪي به تشدد جا نشان ناهن مليا، جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.