ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري پنھنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪورنگي جي لياقت ٽائون ۾ جوابدار نادر خان پنھنجي پيءُ 50 ورھين جي ناصر خان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب جوابدار آئيس جو نشو ڪندو آهي، نشي جا پئسا نه ملڻ تي هن پنهنجي والد سان 2 ڏينهن اڳ به جھيڙو ڪيو هو.