سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي لڳ آتڻا موري جي ڳوٺ جھانگير جوڻيجو ۾ ڪچو گهر ڊاهڻ دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 25 ورھين جو علي گل جوڻيجو، ڇوڪري حسينه، 30 سالن جو کٻڙ جوڻيجو، 35 سالن جي سوني ٻائي، 15 سالن جو علي حسن جوڻيجو زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال پٿورو مان طبي علاج ڏئي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گھر جي ڀت پراڻي ھئي ان کي ڊاھڻ دوران گھر ڀاتين مٿان ڪري پئي جنھن سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جن ۾ شديد زخمي اسپتال داخل آھن.