گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ بدامني وڌي وئي، نامعلوم ڏوھاري وچ شھر مان واپاري جا ٽريڪٽر ٽرالي چورائي ويا، ٽريڪٽر ٽرالي جي اين سي داخل. تفصيل موجب گمبٽ شھر جي مصروف ترين علائقي اسٽيشن روڊ تان گذريل رات نامعلوم جوابدار واپاري غلام رسول مھر جو ٽريڪٽر چورائي فرار ٿي ويا. اھڙي واردات جي گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. ٻئي پاسي چورن سبزي فروش مسڪين پورھيت کي به بخش نه ڪيو، گمس سٽي اسپتال جي گيٽ سامھون غازي چوڪ ايڪسچينج روڊ تي واقع پورھيت پپو جوڻيجو جي سبزي جي ريڙھي تان پٽاٽا، بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون چوري ڪري فرار ٿي ويا.