حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينيئر ڪمپئير، انائونسر ۽ صداڪار شگفته خالق دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري وئي. مرحومه کي 2 سال اڳ دل جو دورو پيو ڪيو هو جنهن کانپوءِ سندس علاج به ڪرايو ويو. گذريل ڏينهن کيس ٻيهر دل جي تڪليف ٿي جنهن تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو پر هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس مڙس کي حيدرآباد کان اباڻي ڳوٺ ٽنڊو غلام علي پھچايو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين جي رسمن ۾ مٽن مائٽن ۽ ريڊيو سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحومه جي عمر 50 سالن کان مٿي هئي. هو 90 جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪمپيئر طور داخل ٿي ۽ آخري ڏينهن تائين ريڊيو سان لاڳاپيل رهي. هو اوهان جو خط پهتو، سائي ستابي سنڌ ۽ سڳنڌ پروگرام جي ڪمپيئر هئي. ساڳئي وقت هو مختلف ڊرامن ۾ اداڪار ۽ صداڪار طور به شرڪت ڪندي رهندي هئي. ان کانسواءِ هو مختلف ڏينهن تي انائوسمينٽ جا فرض به انجام ڏيندي هئي. شگفته خالق ريڊيو پاڪستان جي ڊپٽي ڪمنٽرولر انجنيئرنگ عبدالخالق مستوئي جي گهرواري هئي. کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي. سندس وفات تي ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسرن، ڪمپيئرن، انائونسرن ۽ ٻئي عملي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.