گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ جي پراڻي مارڪيٽ واسڻ سلميٰ شيخ مڙس سڪندر شيخ ۽ سس جي ظلمن کان تنگ ٿي ٻن معصوم ٻارڙن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي موجود ماڻهن عورت ۽ معصوم ٻارڙن کي بچائي ورتو آهي. گمبٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت ۽ معصوم ٻارڙن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي عورت مسمات سلمان خاتون شيخ ٻڌايو ته گھر ماني دير سان پچائڻ تي مڙس سڪندر ۽ سس گڏجي تشدد ڪيو آهي. اڳ به مڙس تشدد ڪندو رهيو آهي. مڙس گھر جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو. مڙس ۽ سس پيءُ ماءُ سان ملڻ به نه ٿا ڏين، مڙس ۽ سس جي ظلمن کان تنگ ٿي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ماڻهن ۽ پوليس پهچي بچائي ورتو آهي. مون مٿان ظلم ڪندڙ مڙس ۽ سس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت کي تحويل ۾ وٺي ٻارڙن سميت گمبٽ ٿاڻي تي ويهاريو آهي. عورت مڙس ۽ سس خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي جن جي گرفتاري لاءِ گهر تي چڙهائي ڪئي آهي جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا جاري آهن. عورت کي معصوم ٻارڙن سميت اڄ گمبٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عورت پيءُ ماءُ ڏانهن وڃڻ چاهيندي ته اوڏانهن موڪليو ويندو جيڪڏهن مڙس ڏانهن وڃڻ چاهيندي ته ان حوالي ڪيو ويندو.