ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) يومِ علي جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون ويون، ان دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان نتڪو، ان کان اڳ نشتر پارڪ ۾ مجلس منعقد ڪئي وئي، جنهن کي علامه شهنشاهه نقوي خطاب ڪيو، مجلس بعد مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان نڪتو، جتان پنهنجي روايتي رستن نمائش چورنگي، سي بريز پلازه، صدر ريگل چوڪ، تبت سينٽر، ريڊيو پاڪستان ۽ بولٽن مارڪيٽ کان ٿينديو کارادر ۾ امام بارگاهه حسينيه ايرانيا ۾ پهچي نهر ٿيو، مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز تي وڏي نفري مقرر ٿيل هئي جڏهن ته مرڪزي جلوس بوتراب اسڪائوٽس جي حصار ۾ هو، جلوس جي مرڪزي رستي سان لڳندڙ رستن کي ڪنٽين رکي بلاڪ ڪيو ويو هو، جڏهن ته جلوس جي رستن تي ايندڙ دڪان توڙي سموريون مارڪيٽون پڻ بند ڪرايو ويون، ٻئي پاسي جلوس ۾ ڪورونا ايس ايو پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويو، جلوس جي داخلي رستن تي سينيٽائيزر گيٽ لڳايا ويا هئا. ان کان اڳ جلوس جو ٽائيم تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران شيعااڳواڻن سان ڳالهيون ڪيو ويون، جيڪي ڪامياب ٿيو، سنڌ حڪومت پاران سيد ناصر حسين شاهه کي ڳالهين لاءِ موڪليو ويو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي به موجود هو، ان موقعي اهو طئي ڪيو ويو هن هن سال ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي مرڪزي جلوس جو پنهنجي منزل تي پهچڻ وارو مقرر وقت گهٽ ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ به انجمن اماميه سنڌ پاران يومِ شهادت حضرت علي عه جي سلسلي ۾ ڪربلا دادن شاهه تان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو قدم گاهه مولا علي عه تي اختتام پذير ٿيو. انتظاميا پاران 100 کان وڌيڪ گهٽين کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪناتون هڻي سيل ڪيو ويو هو، قمبر، شھدادڪوٽ، ميهڙ ، سيوھڻ، مدئجي، مٽياري، ڄام صاحب، ٽنڊوآدم، جھول، ڪنڊيارو، روهڙي دڙو، ڀرياروڊ، نوان جتوئي، مورو ۾ ماتمي جلوس نڪتا ۽ مجلسون برپا ڪيون ويون. هوڏانهن ڊکڻ ۾ حضرت علي رضه جي يوم شهادت تي اهل سنت والجماعت پاران مولانا زبير احمد، مولانا فهد مصطفيٰ، ذوالفقار جيهو، عطا الله، محمد خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ کان ريلي ڪڍي وئي.