ڪورونا کي روڪڻ لاءِ هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري

0
389
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، نه رڳو ڪورونا پر ان جا ٻه نوان قسم پڻ ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، سنڌ ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس 26 فيبروري 2020ع تي ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ رپورٽ ٿيو هو، انهي کانپوءِ ڪالهه تائين سنڌ ۾ ڪورونا متاثرين جو مجموعي انگ 2 لک 87 هزار 642 رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن جي اها خوشنصيبي آهي جو انهن مريضن ۾ وڏو انگ صحتياب ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ 26 فيبروري 2020ع کان ڪالهه تائين تقريبن سوا سال جي عرصي ۾ فوتين جو انگ 4687 ٿيو آهي، جڏهن ته 92.6 سيڪڙو صحتيابي جي شرح آهي، انهي جو بنيادي سبب ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ سرڪار پاران ڪيل سختي ۽ عوام ۾ ڪورونا جو پيدا ٿيل خوف هو، جنهن سبب ماڻهن پاران پاڻمرادو به ڪافي حد تائين احتياط ڪيو پئي ويو، پر هن وقت ڪورونا جي ٽئين لهر جيڪا انتهائي خطرناڪ ٻڌائي وڃي ٿي، انهي ۾ نه ماڻهن ۾ ڪو خوف نظر اچي ٿو ۽ نه ئي انتظاميا جي اها سختي نظر اچي ٿي، جيتوڻيڪ وفاقي سرڪار ڪيترن ئي صوبن ۾ فوج به مقرر ڪري ڇڏي آهي ڪراچي ۾ به ڪافي هنڌن تي ضلعي انتظاميا جي مدد لاءِ فوج ميدان ۾ آهي، پر عوام انهي وبا جي خوف مان نڪري چڪو آهي اهو ئي سبب آهي جو وائرس جي پکڙجڻ يا انهي جي نقصان کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، جنهن سبب خدانخواسته وائرس پکڙجي ويو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ جيڪو ڪورونا قهر ڪيو آهي، انهي کي به اسان جو عوام اڃان تائين مشڪري سمجهي رهيو آهي، هن وقت وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران جيتوڻيڪ انتظام بهتر هجڻ ۽ صحت جي لاءِ گهربل سهولتون به ميسر هجڻ جون دعوائون ته ڪيون وڃن پيون پر جيڪڏهن مريضن جو انگ وڌي ويو ته اسان وٽ وينٽي ليٽر چند سو پيل آهن، ته اهي پهرين مرحلي ۾ ئي ڀرجي ويندا، جڏهن وينٽي ليٽر ۽ آڪسيجن سميت گهربل سهولتن جي کوٽ پيدا ٿي ته پوءِ ڪيتريون ئي جانيون داءُ تي لڳي سگهن ٿيون،پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ته وينٽيلٽرس تقريبن ڀرجي ويا آهن. اڱاري تي وزيراعليٰ هائوس ۾ خاص ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي خطاب ڪندي چيو ته صورتحال سنگين نازڪ آهي اسٽيل مل ۾ آڪسيجن پلانٽ هلائڻ لاءِ هڪ ارب خرچ ايندو ۽ سنڌ حڪومت اهو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي وڏي وزير هن انتظاميه ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪوآرڊينيشن سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ايس او پيز تي صحيح نموني عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.ان موقعي تي وڏي وزير انتظامي،حڪومتي ڪوششن جون ٻيون به ڳالهيون ڪيون.
اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا جي وڌيڪ خراب ٿيندڙ صورتحال ڪري عوام جي سهڪار کانسواءِ منهن ڏئي ئي نه ٿو سگهجي ،ڪجهه ڏينهن ۾ عيد جون موڪلون به شروع ٿيڻ واريون آهن تنهن ڪري حڪومتي سختيون پنهنجي جاءِ تي پر انهن موڪلن ۾ عوام جيڪڏهن پنهنجي چرپر کي جيترو محدود ڪندو ڪورونا وائرس جي وڌڻ جو امڪان اوترو ئي گهٽجي ويندو تنهن ڪري سڀني شهرين ۽ پنهنجي حياتين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ماڻهو حڪومتي هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.