جمهوريت ڪنهن لاءِ نظريو آ ؟

0
632

وفاقي حڪومت ۽ اسان جو وزير اعظم عمران خان اڄ ڪلھه ان هڪ نقطي تي تمام گھڻو بحث ڪري رهيو آهي ته چونڊ سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽ مشين جو استعمال ڪرڻ لاءِ اپوزيشن پنهنجو ڪردار ادا ڪندي سهڪار ڪري. چونڊ سڌارن جو موضوع نئون ناهي هر دور ۾ سڌارن جي ضرورت محسوس ڪندي وفاقي سرڪار ( پوءِ اها ڪنهن جي به هجي ) ڪميٽيون جوڙيندي رهي آهي پر هن وقت تائين عوام کي اها پوري طرح سان خبر ناهي پئجي سگھي ته ان سڌارن جي اندر ڪهڙيون رڪاوٽون آهن، يعني هر حڪومت ۾ رهندڙ پارٽي جي ترجيح ڪهڙي آهي ۽ مخالف ڌر ڪهڙيون تجويزون ڏئي ٿي، معاملو ميٽنگن جي حوالي ٿيندي وقت گذرندو رهيو پر سڌارن جو اهڙو ڪو به فارمولو اڳيان نه اچي سگھيو آهي، جنهن تي صحيح ۽ غلط بهتر ۽ بري جو بحث ڪري سگھجي ۽ نه وري سياسي جماعتن هن وقت تائين پنهنجي مرڪزي قيادت جي صلاح مشوري سان ڪا اهڙي ڪميٽي جوڙي اليڪشن سڌارن جون تجويزون اڳيان آنديون آهن.
هر دور ۾ جيڪڏهن ڪو بحث ٿيو آهي ته اهو صرف هي ته پارليامينٽ جي اندر عورتن ۽ ٽيڪنو ڪريٽس جون سيٽون ڪيتريون ۽ ڪيئن هجن ۽ نه وري پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن ، اليڪشن سڌارن جي ڪا مضبوط ۽ بهتر تجويز اڳيان آندي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ 1970ع جي اليڪشن کان پوءِ ڪا به اهڙي اليڪشن ناهي گذري جنهن تي ڌانڌليءَ جو الزام نه لڳو هجي ۽ اليڪشن کان پوءِ حالتون ڪشيدا نه ٿيون هجن، ها البته فرق جيڪڏهن ڪو آيو آهي ته اهو هيءُ ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن هارائي ٿي ان ڪجھه اليڪشن نتيجن تي اعتراض ڪرڻ کان پوءِ پارلياماني سلسلي کي جاري ۽ ساري رکڻ جي لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو پر اڪثر ايئن گھٽ ئي ٿيندو رهيو آهي. 2013
ع جي اليڪشن عمران خان کي متحرڪ ڪندي ڪنٽينري ڌرڻو هڻايو پر اي پي ايس ۾ دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ کيس ٻه قدم پوئتي هٽڻو پيو. ليڪن پارليامينٽ کان ٻاهر هاءِ گھوڙا اهائي رهي. 2018 ع جي اليڪشن ته نتيجا ئي حيرت انگيز آڻي ڇڏيا سڄي مخالف ڌر ۽ ڪيتري ميڊيا به ان نتيجن تي حيرت ناڪ انداز سان تنقيد ۽ طنز ڪندي صاف اعتراف ڪري رهي آهي ته نتيجا جيڪي آندا ويا اهي اصل نتيجن کان بلڪل مختلف هئا. يقينن هن وقت تائين جيڪي به الزام لڳا آهن انهن ۾ گھڻي ڀاڱي سچائي جو پهلو ڀاري نظر ايندو رهيو آهي پر هيءُ سوال پنهنجي جاءِ تي واپس اچي اڳيان اڀري ٿو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو اليڪشن سڌارن جي لاءِ سياسي پارٽيون ڇو متفقه طريقڪار جوڙي ناهن سگھيون. ڇا هو اهو سمجھن ٿيون ته صاف ۽ ٽرانسپيرينٽ چونڊون ڪرڻ يا ڪرائڻ نه رڳو مشڪل آهي پر اها ڪن حالتن ۾ خود انهن جي خلاف به وينديون. اليڪشن جي نتيجن تي هندستان ۾ ڪڏهن به ايترو بحث ناهي ٿيو ۽ نه وري بنگلاديش ان هائي گھوڙا مان گذري ٿو. آمريڪا جي ئي گذريل صدارتي اليڪشن تي ڪيترا به بحث ۽ اختلاف اڀريا پر اليڪشن ڪميشن اعتراض ڪندڙن کي کليو چئلينج ڪيو ته هو ٿيل اليڪشن ۾ ڪٿي به ڌانڌلي ثابت ڪن. هارائيندڙ ڌر جيتري به واويلا ڪئي پوري آمريڪي اليڪشن جي نظام کي دنيا ۾ مذاق جو موضوع بڻايو پر هو هن وقت تائين ثابت ناهن ڪري سگھيا ته ڪنهن به رياست ۾ ڪا ڌانڌلي ٿي گذري ۽ نه وري دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ اليڪشن ايتريون تڪراري رهن ٿيون جيتريون اسان جي ملڪ ۾. هن ملڪ جي اندر اليڪشن جي اندر ٿيندڙ ڌانڌلي هونئن ته ڪيترين ئي صورتن ۾ موجود آهي پر خاص ڪري ٻن طريقن سان هتي ڌانڌلي هر اليڪشن جي معمول ۾ شامل رهي آهي، هڪ اليڪشن واري ڏينهن ووٽرن جي مرضي جي خلاف ڌونوس ۽ڌانڌلي ڪري کانئن جبري ووٽ ڏياريا وڃن جيئن گذريل ڪيترن ئي اليڪشنن ۾ ڪراچيءَ جي اندر ڀائي لوڪن جيڪي اليڪشن جا ڪرشما ڏيکاريا جو اليڪشن بوٿ ۾ جارا رکرائي ٻاهران هڪ تنظيم جا ماڻهو بيٺل رهندا هئا جيڪي ووٽرن کي سڌو سنئون حڪم ڏيندا هئا ته نه رڳو کين ووٽ ڪري پر لڳل ووٽ جي مهر پهريان کين ڏيکاري ۽ پوءِ ووٽ دٻي ۾ وجھي، اهڙو حشر نشر ڀوتارن جي جاگيرن ۾ به نظر نه آيو. انهيءَ سان گڏوگڏ وڌيڪ ڪمال اهي ڏيکاريا ويا جو اليڪشن جي وقت گذرڻ کان پوءِ ووٽ ڳڻپ کان پهريان ٺپا پارٽي شروع ڪئي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي فگر اهڙيون به آيون ته رجسٽرڊ ووٽن کان وڌيڪ ووٽ داخل ڪيا ويا يا مخالفن جا ووٽ ڦاڙي ۽ ساڙي گھٽ ڏيکارڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ٿيندي رهي آهي.
ٻيو اليڪشن ۾ڌانڌليءَ جو طاقتور ۽ وڏو هٿيار هي ڏيکاريو ويو ته سڌا سنوان رزلٽ ئي آر او آفيس مان پنهنجي مرضيءَ تي ٺاهيا ويا. آر او آفيس جي انتظاميا کي هي حڪم ڏنا ويا ته پهريان نتيجا ڏيو ۽ پوءِ ٿيلها سيٽ ڪيو. اهو سڀ ڪجھه ٿيندو رهيو آهي ۽ اهو هن وقت به ٿي رهيو آهي هاڻي جڏهن وزير اعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽ مشين جي ذريعي جو استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ مخالفت نواز شريف جي پارٽي ن ليگ ڪري رهي آهي.
بيشڪ انهن کي اليڪٽرانڪ ووٽ تي اعتراض هجي پر اليڪشن سڌارن جي لاءِ هنن وٽ ڇا طريقڪار آهي، اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. ساڳي طرح پ پ پ اليڪشن سڌارن لاءِ ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهي آهي، جو پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول اليڪشن سڌارن جي لاءِ هڪ لازمي شرط هيءُ رکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي مڪمل طور تي اليڪشن کان الڳ ڪجي ۽ گڏوگڏ هن پي ٽي آءِ ن ليگ ٻنهي تي الزام مڙهيندي تنقيد ڪئي آهي ته هي اندروني طور پاڻ ۾ مليل آهن. پاڻ انهيءَ سڄي طنز ،الزام بازي ۽ تنقيد کان هٽي واپس هن سوال تي ٿا اچون ته ڇا هن ملڪ جون سياسي جماعتون پوري ايمانداريءَ سان ان سوال تي ڪليئر آهن ته اليڪشن مڪمل طور تي صاف ، آزاد ۽ ڌانڌلين کان پاڪ هجن. مان نٿو سمجھان ته طاقتور ۽ گھمنڊي ذهن آزاد اليڪشن جا قائل ٿي سگھن ٿا آزاد اليڪشن جي قائل ٿيڻ جي لاءِ سڀ کان پهريان لازم آهي ته پارٽيون مڪمل طور تي جمهوريت يعني جمهوريت جي نظريي کي من و عن قبول ڪن. هاڻي جيڪڏهن جمهوريت جي ان نظرياتي ڪسوٽيءَ تي پاڻ موجوده سياسي ليڊرشپ کي ڏسنداسين ته انهن مان ڪيترا اسان کي جمهوري نظريي جي قائل نظر ايندا؟ اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته نظريو رڳو تشريح ناهي گھرندو ۽ نظريي جي پرک اها به ناهي ته ڪير ڪيتري ڄاڻ رکندي نظريي جي تشريح ڪري ٿو پر نظريي جو بنيادي اصول هي آهي ته هو مڪمل طور تي پنهنجي ذاتي اخلاقيات ۾ فرد جي قول ۽ فعل جو احاطو ڪندو آهي. جڏهن فرد نظريي جي ان اثر ۾ اچي ٿو هن جي افاديت کان واقف ٿو ٿئي ته پوءِ هو پنهنجي ذات جي اندر هڪ ڀرپور ۽ طاقتور تبديلي محسوس ڪندو آهي ۽ ان تبديليءَ ۾ هو پنهنجون سوين جبلتون ،هزارين خواهشون بي معنيٰ ۽ بي مقصد سمجھندي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي. نظريو خاندان ذات باقي ٻيا رشتا ڪا به ايڏي وڏي اهميت ناهن رکندا.
مثال پاڻ هي نٿا ورجايون ته دنيا جي عظيم انسانن جڏهن نظرين کي قبول ڪيو ته بادشاهت انهن جي اڳيان بيڪار ۽ بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي. مثال گوتم جڏهن نظريي کي سمجھو ته بادشاهت بي معنيٰ ٿي وئي ۽ نظريي جي عشق ۽ عمل هن کي ڀڳوان بڻائي ڇڏيو. بلڪل اهڙي طرح اسان کي اڄ جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي نظرياتي ڪردار نظر ايندا، جيڪي پنهنجي بکايل ۽ ڏکايل زندگي گذاريندي ڪڏهن به مايوس نظر ناهن ايندا. نظرياتي اصول استحصال ۽ ڪرپشن جا سڀ جو سڀ موقعا ۽ حرڪتون ختم ٿا ڪن جمهوريت جو نظريو عوام جي حقِ حڪمرانيءَ جو اصول سمجھڻ آهي نه رڳو سمجھڻ پر انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان ئي جمهوريت جو نظريو مڪمل ٿئي ٿو. هاڻي جيڪڏهن سياسي قيادتون ان عظيم اصول کي سمجھن ته ڇا هو ڪرپشن ڪري ٿا سگھن؟ ڇا هو اهڙي ڪا به معاشي ۽ سياسي پاليسي اختيار ڪري ٿا سگھن جنهن سان عوام جو نقصان ٿئي؟ ڇا هو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪرپٽ ۽ عوام دشمن بيوروڪريسيءَ کي هڪ لمحي لاءِ به برداشت ڪري ٿا سگھن؟ سڀ کان وڏي ۽ آخري پرک اها آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي سان ڪيترا به اختلاف رکن پر عوامي مفادن ۽ مقصدن جي لاءِ هڪ ٻئي جي غير مشروط حمايت ڪرڻ سندن ڪيمسٽريءَ جو بنياد بڻجي ويندو ڇو ته اها ئي جمهوريت جي نظريي جي ڪيمسٽري آهي،
سڀ ڪجھه عوام لاءِ ،عوام کان سواءِ ڪجھه به نه، ليڪن هتي معاملو انهيءَ جي ابتڙ نظر اچي ٿو اهو هي ته سڀ ڪجھه پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان سواءِ ڪجھه به نه. مخالف ڌر جيڪا تنقيد هڪ ٻئي تي ڪري ٿي انهيءَ تنقيد کي ٻڌندي رڳو چڙ نٿي اچي پر ڪرڀ ٿي اچي ۽ ساڳيو رويو حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪ ٻئي سان آهي، انهيءَ ڪري پاڻ هي سوال وري اڳيان ٿا آڻيون ته هتي جمهوريت جو نظريو ڪنهن جي لاءِ آهي، اهو آهي به يا نه يا رڳو هڪ دوکي جو ساٿ، جنهن جي خبر هنن کي پاڻ کي ته ٺيڪ آهي پر عوام اڃان ان سراب جي سحر ۾ وڌندي نظر ٿو اچي. ليڪن ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته وڌندڙ عوام جا قدم رڳو ڀٽڪندا ناهن پر ڀٽڪندي ڀٽڪندي پنهنجي منزل تائين پهچندا آهن ۽ جڏهن عوام جمهوريت جي نظريي جي ويجهو پهچي ويندو تڏهن هنن کي خبر پوندي ته جمهوريت ڇا ٿيندي آ.