ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۽ نتيجن جو جائزو

0
445

تازو ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 249 جي اليڪشن نتيجن مان ھن شھر جي عوام جي سوچ مزاج ۾ تبديلي جو اندازو ٿئي ٿو. 2018ع ۾ اھا سيٽ پي ٽي آءِ کٽي ھئي ان کان اڳ انھي تي ايم ڪيو ايم جو ٺپو لڳل ھو. اعلانيل نتيجن موجب ھن ڀيري پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن،تحريڪ لبيڪ، پي ايس پي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم نمبر وار پھرين کان ڇھين پوزيشن تي رھيون. غير حتمي چونڊ نتيجن ۾ پ پ جي قادر مندوخيل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي جڏھن ته ن ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل آر او ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن تي لکت ۾ اعتراض واري چيف اليڪشن ڪمشنر کان ٻيھر ڳڻپ جي گھر ڪئي.جيڪا منظور ڪندي 6 مئي تي (سڀاڻي )ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي، ان دوران نواز ليگ ۽ پ پ جي وچ ۾ کٽ ۽ ھار جي بيان بازي جي ڇڪتاڻ ان حد تائين وڌي وئي جھڙي 2013 ع جي اليڪشن کانپوءِ عمران خان ۽ نواز شريف وچ ۾ ھئي. بھرحال نتيجو ڪھڙو سامھون ٿو اچي اھا خبر ٻيھر ڳڻپ کانپوءِ ئي پوندي. البته موجوده اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي پنجين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڇھين پوزيشن تي بري شڪست مان ايم ڪيو ايم ۽ عمران حڪومت خلاف ڪراچي جي ھن تڪ جي عوام جي بيزاري ظاھر ٿي آھي. گذريل ڪجھه مھينن کان ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇوٽي چونڊ جي معرڪن ۾ حڪمران پي ٽي آءِ اڪثر سيٽن تي اليڪشن ھارائي آھي، جنھن کي عمراني حڪمراني خلاف عوامي ريفرنڊم چئي سگھجي ٿو. ڪراچي ۾ ٿيل تازي اليڪشن مان اھا حقيقت واضح ٿئي ٿي ته ووٽن جو ٽرن آئوٽ اپوزيشن جي جمھوري پارلياماني پارٽين پ پ ۽ نواز ليگ جي حق ۾ آھي. ايم ڪيو ايم جيڪا ٽن ڏھاڪن کان دھشتگردي ۽ ٺپا گردي ذريعي ھن شھر تي راڄ ڪندي رھي ھئي، گذريل عام چونڊون ۾ پي ٽي آءِ ان کي ڪجھه سيٽن تي ھارايو ھو پر بعد ۾ ٻنھي پارٽين پنھجي مشترڪه مفادن ۽ مالڪن جي مرضي تحت “ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا ھئا اڳيئي گڏ” جي مصداق ڄڻ ھڪ پارٽي ٿي سنڌ سان تعصب ۽ ڪراچي تي قبضي جي پراڻي سياست ڪئي. ان پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کان بھتر موٽ پي ايس پي جي مصطفيٰ ڪمال کي ملي آھي. مصطفيٰ ڪمال جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي تعصب ۽ دھشت گردي جي سياست جي مخالفت ۾ اڳيان آيو ھن امن ڀائيچاري ۽ خاص ڪري سنڌ جي وحدت بابت چٽو موقف اختيار ڪيو، ابتدا ۾ ملڪ گير پارٽي جو پروگرام ڏنو پر وقت گذرڻ سان گڏ ھن جي سياست جو محور به ڪراچي ۽ اردو آبادي ئي رھي جنھن ۾ ھن ڪافي قدر بھتر موقف ۽ سياسي روين جو مظاھرو ڪيو آھي ھن جو به گھڻو زور لوڪل باڊيز جي اختيارن تي آھي. مصطفيٰ ڪمال جي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ نسبت بھتر پوزيشن خوش آئند آھي.
موجوده اليڪشن جي سڀ کان وڌيڪ فڪر جي ڳالھه تحريڪ لبيڪ جو اليڪٽرول بورڊ تي لڳاتار ٽيون نمبر رھڻ آھي. جيڪي ماڻھو تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ جو اصلي قبلو ڄاڻن ٿا انھن لاءِ اھا ڳالھه قطعي طور اچرج جھڙي ڪانھي ته پابندي ھڻڻ باوجود ان کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ڪيئن ڏنو ويو..! ان مان اھا ڳالھه پڌري پٽ آھي ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي محض ڊرامائي ۽ ڏيکاءَ کان وڌيڪ ڪجھه به ڪانھي. تڪڙ ۾ لڳايل اھا پابندي لاھي اڇو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪميٽي“ لڳي پئي” آھي. ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ڏسجي ٿو ته ملڪ ۾ شروع کان غيرجمھوري قوتن طرفان ھڪ مخصوص حڪمت عملي تي ڪم ٿيندو رھي ٿو جنھن سان جمھوريت ۽ جمھوري قوتن کي اسرڻ ۽ سگھارو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ آمريتون يا ھٿ ٺوڪيا حڪمران مسلط ڪيا وڃن ٿا. پ پ ۽ نواز ليگ جي جمھوريت لاءِ مفاهمت جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ عمران خان جي ڪي پي ۾ حڪومت ٺھڻ کان پوءِ ان حڪمت عملي کي موثر نموني عمل ھيٺ آندو ويو. ھڪ صوبي جي حڪومت ھٿ ۾ ڪري ان جي وسيلن سان سڄو زور نواز شريف کي سوڙھو ڪرڻ تي لڳايو ويو عمران خان ٻين صوبن کي ڇڏي اسلام آباد ۽ پنجاب کي پنھجي سرگرمي جو مرڪز بنايو.
اھو عالم آشڪار آھي ته مرڪزي اقتدار جي ڏاڪڻ پنجاب آھي عمران کي پنجاب فتح ڪرڻ جو ٽاسڪ ھو جيڪو 2018ع ۾ ھن کي ٽيڪا سيڪا ڏئي حاصل ڪيو ويو. نواز شريف جي دور کان وٺي عمران سميت مذھبي جذباتيت اڀاريندڙ قوتن جي سرپرستي ۽ انھن کي سياسي قوتن جي طور تي اڳيان آڻڻ ان ئي حڪمت عملي جو حصو آھي جنھن تحت سگھاري ڌرين جي سرپرستي ھيٺ ھلندڙ ڪن مذھبي تنظيمن تي عالمي دٻاءَ سبب مجبورن پابندي ھڻڻ کانپوءِ انھن قوتن کي تحريڪ لبيڪ جي ڇٽيءَ ھيٺ گڏ ڪيو ويو آھي جنھن جو ڪوبه سياسي منشور ۽ پروگرام واضح ڪونھي. ٿوري عرصي ۾ تحريڪ لبيڪ جي جھنڊي ھيٺ گڏ ٿيل ڀانت ڀانت قسم جي ماڻھن جي گھڻائي ۽ سندن ٽرينڊ پرتشدد ڪاررواين جو انداز اھا ڳالھه سمجھڻ لاءِ ڪافي آھي.ان کي خاص آشيرواد سان اسيمبلين ۾ نمائندگي جي سياست لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. ھڪ طرف تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاجن سان ان جي دٻڙ ڌونس جي طاقت کي اڀاريو ٿو وڃي ۽ ڪنھن وقت انھي تي ظاھري سختي ڪري ۽ وري ڳراٽڙيون ڏئي ھڪ وڌيڪ متبادل ڌر تخليق ڪئي پئي وڃي جنھن جو مقصد ووٽن جي وار ڦير وسيلي حڪومت سازي تي اثر انداز ٿيڻ،آئين ۽ پارلياماني جمھوريت جي بالادستي لاءِ جاکوڙيندڙ قوتن جي رستا روڪ لاءِ ھڪ نئين تازه دم فورس تيار ڪرڻ آھي.
گذريل اليڪشن ۾ ڪجهه سيٽن تي ڪاميابي ۽ تازواين اي 249 ڪراچي جي اليڪشن ۾ تحريڪ لبيڪ جي پوزيشن ان مشق جي نشاندهي ڪري ٿي.
گذريل عام چونڊن ۾ بلديا ٽائون تڪ جي ھن سيٽ تي ن ليگ، پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر پارٽي جي پوزيشن تي ھئي ۽ توقع ڪئي پئي وئي ته ھن ننڍي چونڊ ۾ اھا ھي سيٽ کٽي وٺندي جو ان جو ھتي اڳيئي چڱو خاصو ووٽ بئنڪ ھو ۽ عمران حڪومت جي عوام کي ڏنل ڏجھن جو فائدو ن ليگ کي ٿيندو پر ان جي برعڪس ان چونڊ ۾ پيپلز پارٽي ڪانٽي جي مقابلي سان اھا سيٽ ڪڍي جيڪا پھريون ڀيرو ھن تڪ تي ڪامياب قرار ڏني وئي آھي. ان جو مکيه سبب علائقي ۾ عوام کي سھولتون پھچائڻ واراڪم ٻڌايو ٿو وڃي. اھا حقيقت آھي ته وڏن شھرن جا ماڻھو ووٽ مھل کين حاصل سھولتن کي به ڳڻ ۾ آڻين ٿا اھو رجحان سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پئدا ڪيو وڃي ته سندن ووٽن جو به قدر ٿي سگھندو ۽ عوام جي سماجي زندگي ۽ ترقي جي صورتحال جي بھتري جي اميد ٿي سگھندي.اليڪشن ڪميشن ڪراچي اين اي 249 تڪ تي ٻيھر ڳڻپ لاءِ 6 مئي جي تاريخ رکي آھي ٻيھر ڳڻپ کان پوءِ اليڪشن جي حتمي نتيجي جي صورتحال واضح ٿيندي. آخري نتيجي ۾ ٻنھي مان جيڪا به پارٽي سوڀاري ٿي ته اھا جمھوريت جي فتح ھوندي.