جسٽس فائز عيسيٰ جي ڪاميابي ڪنهن کي قبول ناهي ؟

0
480

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي داخل ڪيل نظرثاني وارين درخواستن کي منظور ڪرڻ کانپوءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 28 اپريل تي ٿيو، جنهن جي صدارت ڪائونسل جي چيئرمين چيف جسٽس گلزار احمد ڪئي ان اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏهه رڪني فل ڪورٽ جي فيصلي سامهون اچڻ کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪائونسل جيڪا ٿوري گهڻي ڪارروائي هلي رهي هئي ان کي روڪي ڇڏيو،جڏهن ته ان اجلاس ۾ سنڌ ھائيڪورٽ جي جج جسٽس ڪريم خان آغا جن کي جسٽس ڪي ڪي آغا به چيو ويندو آهي انهي خلاف صدارتي ريفرنس تي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو ٻڌائيندو هلان ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ ٻن وڌيڪ ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو انهن ۾جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ لاهور ھائيڪورٽ جو جج جسٽس جواد الحسن شامل هئا. هن وقت تائين صدارتي ريفرنس تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، هاڻي اها ڪارروائي ختم ٿي وئي آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل شڪارپور جي علائقي ڪوٽ سلطان سان تعلق رکندڙ ۽ سموري زندگي برطانيا ۾ گذاريندڙ جج جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ڪائونسل پاران صدارتي ريفرنس ۾ جيڪي الزام جسٽس ڪي ڪي آغا مٿان لڳايا ويا آهن اهي آهن ته برطانيا ۾ رهندي هن اتان جي شهريت حاصل ڪئي، جڏهن ته هن برطانيا سميت پاڪستان ۾ اثاثا لڪايا آهن. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اها ڪارروائي ڪٿي ختم ٿيندي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر اهو واضح آهي ته ڪائونسل جي ڪارروائي ايتري شدت سان نه هلندي جيئن جسٽس قاضي فائزعيسيٰ جي خلاف شروع ڪئي وئي ڇاڪاڻ جو جسٽس ڪي ڪي آغا جج جي منصب سنڀالڻ کان پهريان ٻٽي شهريت ڇڏي چڪو آهي جڏهن ته ملڪيتن بابت تفصيل به ظاهر ڪري چڪو آهي. رهيو لاهور ھائيڪورٽ جو جج جسٽس جواد الحسن ان جي باري ۾ به اهي اطلاع آهن ته هو جج جو منصب سنڀالڻ کان اڳ ئي برطانوي شهريت ڇڏي چڪو آهي باقي ان جي فيملي برطانيا ۾ رهي ٿي انهن سان ملڻ لاءِ هو پاڪستاني شهري طور حاصل ڪيل پاسپورٽ تي ويندو رهندو.
پي ٽي آئي حڪومت جو ٽن ججن خلاف موڪليل صدارتي ريفرنس جو حال اهڙو ٿي رهيو آهي جنهن جو مثال مستقبل ۾ وڏي واڪي عدالتن ۾ وڪيل ڏيندا رهندا. حڪومت جي صدارتي ريفرنس جو جيڪو حال ٿي رهيو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي تياري ۾ تڪڙ جو مظاهرو ڪيو ويو، ڪائونسل ته ڇا سپريم ڪورٽ ۾ به ان مامري تي سرڪاري وڪيل مطمئن نه ڪري سگهيا.هاڻي ساڳيا وڪيل ساڳيون ڳالهيون جسٽس ڪي ڪي آغا جي حوالي سان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڪندا ان جو نتيجو به ساڳيو نڪرندو.
جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي اچڻ کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس تي ڪارروائي ختم ڪئي وئي آهي پر هن جي خلاف سوشل ميڊيا تي هڪ طوفان شروع ڪيو ويو آهي خاص طور اهو ذڪر ڪندو هلان ته 25 کان 27 اپريل دوران ٽوئيٽر تي هڪ ٽرينڊ هليو جنهن ۾ هڪ يو ٽيوبر کي اهڙي ريت پيش ڪيو ويو جو هو هڪ نيڪ پارسا آهي باقي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڏو گناھه گار آهي. ٿيو ايئن جو 25 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي ڏھه رڪني فل ڪورٽ نظرثاني درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت عدالت ۾ موجود هر شخص فيصلي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ان دوران صحافين موقعو ڏسندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان گپ شپ ڪرڻ شروع ڪئي ته ذڪر ان يو ٽيوبر جو نڪتو جيڪو پاڻ عدالت ۾ موجود هو. ان کي قاضي صاحب پاڻ وٽ گهرائڻ لاءِ هڪ ٻئي صحافي کي چيو ۽ يو ٽيوبر کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ صرف ايترو چيو ته اوهان جيڪڏهن مسلمان آهيو ته پوءِ اوهان سچ ڳالهايو، اهي لفظ ٻڌڻ کانپوءِ اهو يو ٽيوبر واپس وڃي پنهجي جڳھه تي بيهي رهيو. فيصلو قاضي صاحب جي حق ۾ اچي ويو هر طرف کان قاضي صاحب کي مبارڪون ملڻ لڳيون پر اها ڪيل ڳالھه ان همراه کي نه وڻي، ان سوشل ميڊيا سميت قاضي صاحب کي هر فورم تي ملندڙ مبارڪن جي سلسلي کي روڪڻ لاءِ پنهنجي هڪ دوست کان انٽرويو ڪرايو ۽ اپ لوڊ ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ هن وڌائي چڙهائي ڳالهيون ڪيون. اهي ڳالهيون هن الائي ملڪ جي طاقتور قوت اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ تي ڪيون يا وري حڪومتي وزيرن يا مشيرن جي چوڻ تي؟ انهن سوالن جو جواب هو يو ٽيوبر پاڻ ڏئي سگهندو پر اهو سمجهه ۾ اچي ويو ته قاضي صاحب جي ڪاميابي انهن وس وارين ڌرين کي قبول ناهي. پهرين ڏينهن کان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف پروپئگنڊا جو عمل شروع ڪيو ويو آهي،اقتداري ايوانن جي شهر اسلام آباد ۾ هر طرف اهي چو ٻول آهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڪنهن به صورت ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجڻ نه ڏنو ويندو، ان جي رستا روڪ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. اسٽيبلشمينٽ ۽ واڳ ڌڻي اهڙا صرف افواهه ڦهلائي رهيا آهن، اخلاقي ۽ قانوني طور هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، هو چيف جسٽس ٿيندو ۽ Retaliation ۾ ممڪن آهي ته هو اهڙا فيصلا نه ڏئي ريمارڪس اهڙا ڏيندو جنهن جو اثر پوندو. سندس جي چيف جسٽس واري مدي ۾ ايندڙ عام چونڊون ٿيڻيون آهن، اهو رخ به اسٽيبلشمينٽ سوچي رهي آهي ته سندس هوندي هو پنهنجي مرضيءَ جا ايندڙ عام چونڊن ۾ نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهن، ان ڪري هاڻي کان ئي اهڙن نالي ماتر يو ٽيوبرز کي استعمال ڪري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پريشان ڪيو وڃي ته جيئن هو پاڻ ئي عهدو ڇڏي هليو وڃي.
سوشل ميڊيا جي دنيا به عجيب دنيا آهي ان جو استعمال ڪندڙن جي اڪثريت اها آهي جيڪا گهرن ۾ ويهي ڪري ڪنهن جي به غلط بياني کي ڄاڻڻ بجاءِ ان کي سپورٽ ڪري ٿي ته هو همراهه صحيح آهي، جڏهن ته حقيقيت ۾ ايئن ناهي هوندو. سوشل ميڊيا خاص طور يو ٽيوب تي دنيا ۾ جيڪي دوست پروگرام ڪري حقيقتن کان هٽي ڪري پروگرام اپ لوڊ ڪن ٿا انهن جي شايد پنهنجي ڪا ايجنڊا هجي پر عام ڏسندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته همراهه سچ پيو چوي يا ڳالھه وڌائي ڪري ٿو. ڇا اهي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ڪو اهڙو پروگرام ڪري رهيا آهن جنهن جو سر پير ڪونهي. ڪنهن اهڙي شخص جنهن جي خاندان جي ڪوششن سبب هي پاڪستان وجود ۾ آيو ان خلاف پروگرام ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو سواءِ منفي پروپيگنڊا جي. حقيقت اها آهي ته هاڻي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، هو چيف جسٽس ٿيندو ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي عملداري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو ۽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو، ان جا نتيجا ڇا نڪرندا ان بابت اسٽيبلشمينٽ هاڻي کان پريشان نظر اچي رهي آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا ۾ گهڻي فالوئنگ رکندڙن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا جي ذريعي مختصر وقت لاءِ پريشاني پيدا ڪري سگهجي ٿي پر وس وارن کي جيڪڏھن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا جي رستا روڪ ڪرڻي آهي ته قانوني طور ڪئي وڃي باقي سوشل ميڊيا تي ٽريند ڪيئن ٺهندا آهن ان جي اسان جهڙن صحافين کي به خبر آهي.