گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ تعلقي جي بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لوئر سائدي ۾ 21 ڏينهن اڳ پاڪ ڪتاب جو درس وٺڻ لاءِ ويل 12 ورھين جي نينگري ڀانل سومرو کي مبينا طور قتل ڪرڻ واري واقعي جو کھڙا ٿاڻي تي ھڪ جوابدار خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي بھارو پوليس کھڙا ٿاڻي تي جوابدار سيد سجاد علي شاھ خلاف گناھ نمبر:54/2021 قلم 302 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪرائيندي فريادي مقتولا نينگري جي مامي لعل بخش سومرو ڄاڻايو آهي ته اسان جي نياڻي پاڙي ۾ سيد سجاد علي شاھ جي حويلي (گھر) ۾ معمول موجب پاڪ ڪتاب جو درس وٺڻ لاءِ وئي ھئي جنھن گھر واپس پھچڻ ۾ دير ڪئي ته اسان مذڪورہ سيد جي در تي وياسين ۽ نينگري بابت سيد سجاد علي شاھ کان معلومات ورتي ته ھن ٽال مٽول ڪندي ٻڌايو ته نينگري گھر ۾ ويٺي ويٺي بيھوش ٿي وئي ھئي جنھن کي اسان ھوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو فوت ٿي وئي ۽ اسان کي نينگري جو لاش ڏنو ويو جنھن بعد اسان نينگري جو لاش گھر کڻي وڃي مڙھ جو جائزو ورتو ته سندس جسم جي مختلف حصن تي تشدد ٿيل ھجڻ جا واضع نشان نظر آيا جنھن تي اسان لاش گمس اسپتال کڻائي آياسين پر اسپتال انتظاميا بااثر جوابدار جي اثر رسوخ سبب پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري نينگري جي ناحق خون سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس نامزد جوابدار کي قانوني گرفت ۾ نه آڻي سگهي آهي