ٽنڊوالھيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ گذريل ڏينهن گم ٿي ويل شخص جو لاش نصير واھ مان هٿ وارثن آيو آهي. نصير واھ مان ملندڙ لاش جي سڃاڻپ سندس وارثن سول اسپتال ٽنڊو الهيار ۾ پهچي محمد اسلم ولد محمد خان ذات لنڊ ويٺل ڳوٺ حاجي مصري لنڊ طور ڪئي. سندس پٽ علي نواز ٻڌايو ته محمد اسلم لنڊ منهنجو والد ھو، هن جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن بابت اسان پيارو لنڊ ٿاڻي تي محمد اسلم لنڊ جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي ھئي، جنهن جو لاش نصير واھ مان هٿ آيو اھڙو اطلاع ٽنڊوالھيار پوليس اسان کي ڏنو، ٽنڊو الهيار پوليس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا .