گئس جا مالڪ ئي گئس کان محروم

0
179
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گئس جو بحران ته اچڻو هو  اها خبر ته سڀني کي پئجي وئي هئي  پر اهو اندازو ڪنهن کي به نه هو ته انهي جو سڄو بار رڳو  سنڌ ۽ بلوچستان کي ڀوڳڻو پوندو .حڪومت جي مس مئنجمينٽ جي ڪري سڄو ملڪ سردين ۾ گئس جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته بقول ناڻي واري صلاحڪار جي “جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ها ته انهي بحران کان بچي سگهجي پيو ۽ ايل اين جي جا ٽيندر وقت تي ٿي پئي سگهيا” پر حڪومت خبر ناهي ڇو انهي ۾ سستي ڪئي جو هاڻي گهرن ۾ رڌپچاءُ لاءِ گئس نه ٿي ملي ته صنعتون انهي کانسواءِ هلي نه ٿيون سگهن ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت اعلان ڪيو هو ته ڊسمبر ۾ ڪوشش ڪئي ويندي ته گهريلو صارفين کي رڌپچاءُ لاءِ ٽي وقت گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي،پهرين چيو ويو ته صنعتن کي فراهمي متاثر نه ٿيندي پر بعد ۾ صنعتن ۽ بجلي پاور پلانٽس کي گئس نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جيئن گهريلو صارفين کي تڪليف نه ٿئي پر   اڃان ڊسمبر شروع ئي نه ٿيو هو ته وڏن شهرن جي گهريلو صارفين گئس جي کوٽ جون دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. ننڍن شهرن جي ته ڄڻ ڀاڳ ۾ ئي  اها گئس لکيل  ناهي، ڇا سيارو،ڇا اونهارو انهن لاءِ ته هر موسم ۾ ئي ٽي ويلا گئس ملڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي هاڻي ته اها اچڻ ئي بند ٿي وئي آهي.

هاڻي وري اعلان ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنن کي اڍائي مهينن تائين گئس نه ملندي.خبر ناهي حڪومت جي نظر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جون سي اين جي اسٽيشنون صنعت جو درجو رکن ٿيون يا نه؟ پر انهن تي هزارين ملازم ڪم ڪندڙ هوندا آهن ۽ اهي سي اين جي اسٽيشنون ٻين هزارين ماڻهن جي به روزگار جو اڻ سڌي ريت وسيلو بڻبيون آهن، جيڪڏهن اهي اڍائي مهينا بند رهنديون ته هن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ پٺتي پيل ٻنهي صوبن جا هزارين  ماڻهو بيروزگار ٿيندا ۽ انهن جي بيروزگاري سبب هزارين خاندان پريشاني کي منهن ڏيندا. خبر ناهي حڪومت ڇا سمجهي سڄي ملڪ بدران رڳو ٻن صوبن جي سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ ۽ بلوچستان اهي صوبا آهن جيڪي ملڪي گئس جي پيداوار ۾ وڌ ۾ وڌ حصو ڏين ٿا پر انهن سان انهي  گئس جي معاملي ۾ اڳ به زيادتي ٿي رهي هئي ته هاڻي وري بحران ۾ انهن لاءِ گئس ايئن گم ڪئي وئي آهي ڄڻ انهي تي انهن جو حق ئي ناهي .

سئي مان نڪرندڙ گئس سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتي پرسئي جي ڀرپاسي جا ڳوٺ اڄ به ڪاٺيون ميڙي ٻارڻ ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گئس سڄي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي پر ان جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي اڄ تائين گئس جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي. اها ڪهڙي پاليسي آهي جو گئس جا مالڪ صوبا انهي گئس کان محروم هجن ۽ انهن جي گئس بند ڪري روزگار کسيا  وڃن  ٻيا وري ان تي ويٺا هٿ سيڪين. اهڙين پاليسين سان  وفاق خلاف صوبن ۾ بدگمانيون پيدا ٿيڻ اڻٽر آهن.پاڻي تي به سنڌ دانهون ڪري رهيو آهي پر ان کي ان جو پورو حق نه ٿو ملي هاڻي وري گئس ۾ ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جنهن سان هزارين ماڻهن جو روزگار به ڳنڍيل آهي جيڪو متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته  وفاقي حڪومت کي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيڪي صوبا  جيڪي وسيلا پيدا ڪن ٿا پهرين ان صوبي ۽ اتان جي رهواسين جي ضرورتن جو خيال ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ اهي ٻين صوبن جي لاءِ ڪتب آندا وڃن.وفاق سڀني صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي انهن جي ضرورتن جو خيال ڪري، ايئن نه ٿئي سڀ ڍئو هڪ صوبي يا مخصوص علائقن کي ملي ۽ سڄو بحران وري ٻيا صوبا ۽ علائقا ڀوڳين جيڪو ڪنهن به ريت مثبت تاثر پيدا نه ڪندو.