ڪو ماڻهو لاپتا ٿئي ته اُن جو سڄو خاندان متاثر ٿيندو آهي:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
177
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ ڪو ماڻهو لاپتا ٿئي ته اُن جو سڄو خاندان متاثر ٿيندو آهي، جنهن چيف ايگزيڪيوٽو جي دور ۾ شهري لاپتا ٿئي ته ڇو نه اُن جي کيسي مان متاثر خاندان کي معاوضو ڏنو وڃي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انساني حقن جي وزير شيرين مزاري کان راءِ طلب ڪري ورتي آھي، وفاقي حڪومت کي لاپتا مدثر نارو جي خاندان کي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

 چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اسان جي اڌ زندگي غير جمهوري حڪومتن ۾ گذري وئي، هِي اُنهن جا ئي ڪم آهن، وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته هر لاپتا شهري جي ڪيس ۾ رياست جو ردعمل ساڳيو هجڻ گهرجي، عدالت وفاقي وزير کي هدايت ڪندي چيو ته ڪوشش ڪريو متاثر خاندان وزيراعظم سان ملاقات بعد مطمئن ٿي واپس اچي، لاپتا شهرين جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي اچي ٿي، ڇو نه رياست بدران وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرز معاوضو ادا ڪن، ته جيئن هي معاملو سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي