ڪڻڪ جي چوري ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو معاملو

0
20
سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

هونئن ته سڄي ملڪ کي ڪرپشن جي وڻ- ويڙهي وڪوڙي وئي آهي، ڪرپشن جو “بول بالا” آهي، پر سنڌ جي ته ڳالهه ئي “اور” آهي. هتي ڪرپٽ مافيائن جو هاضمو اهڙو آهي، جو “لڪڙ هضم- پٿر هضم”. اڃا ايم- 6 موٽر وي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن تي عوامي حلقن ۾ انتظامي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان بحث هلندڙ ئي هو ته خوراڪ کاتي جي گدامن مان 5 لکن جي لڳ ڀڳ ڪڻڪ جي ٻورين جي غائب ٿيڻ جي خبر ميڊيا جي شهه- سرخي بڻي آهي. ان ڪڻڪ جي ماليت اربين روپيا ٻڌائي وڃي پئي. اها هٿ جي صفائي مالي سال 22-2021ع دوران ڏيکاري وئي آهي. حڪومت طرفان ستن ضلعن جي ڪجهه فوڊ انسپيڪٽرن کي ‘معطل’ ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ سرڪاري کاتن جي ‘عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون’ ايتري ته تسلسل ۽ تواتر سان پڌريون ٿينديون رهيون آهن، جو ماڻهن هاڻ ته حيران ٿيڻ به ڇڏي ڏنو آهي. اهي ‘ڪهاڻيون’ ايتري ته ڪثرت سان اچڻ لڳيون آهن، جو هاڻي ڪا به حيرانگي نٿي ٿئي. ڄڻ ته اهو ڪو معمول جو وهنوار يا واقعو هجي! ان ڳالهه کان انڪار نه ڪري سگهبو ته سرڪاري کاتن ۾ ايڏي ته گهڻي ڪرپشن ٿئي ٿي، جنهن جي اڳيان دنيا جا وڏا ڌاڙا به هيچ آهن. ڪرپشن جا ايڏا وڏا ڪيس پڌرا ٿيڻ کانپوءِ به مجال آهي، جو انتظامي ذميوارن ۽ اعليٰ اختيارين جي نرڙ تي ڪو گهنج پوي! انهن جي احسن ڪارڪردگيءَ جي دعوائن ۾ ڪو فرق اچي! هونئن ته ڪرپشن جو ڪئنسر سڀني سرڪاري کاتن جي سرير ۾ سرايت ڪري ويو آهي، پر خوراڪ کاتو ان حوالي سان وڌيڪ “ناماچاري” ڪمائيندو رهيو آهي. شايد ئي ڪو سال هجي، جنهن ۾ سنڌ جي سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ جون لکين ٻوريون گم نه ڪيون وينديون هجن! ڪڻڪ جي ٻورين ۾ پٿر ۽ ڀتر شامل ڪرڻ، کليل ميدانن ۾ رکڻ ۽ برساتن جي ڪري ڪڻڪ خراب ٿيڻ ۽ ان کي سُرو لڳڻ جون خبرون ته هر سال پيون اينديون آهن، پر  ڪڻڪ جون لکين ٻوريون گم ڪرڻ ڪا معمولي ڪرپشن آهي، جيڪا نظر انداز ڪري ڇڏجي؟ هڪ سوال سنڌ جي اعليٰ اختيارين کان اهو به پڇڻ جي جسارت ٿا ڪريون ته ڇا اربين روپين جي اها ڪرپشن ڇا فوڊ انسپيڪٽر اڪيلي سر ڪري سگهن ٿا؟ هونئن ته سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي ‘مثالي’ نه آهي، پر خوراڪ کاتي جو انتظامي جيءُ وڌيڪ جڏو آهي. هر سال ڪڻڪ جي خريداري مرڪز دير سان قائم ڪري خانگي ماڻهن ۽ ٻين صوبن جي واپارين کي وٿي مهيا ڪئي وڃي ٿي ته جيئن سنڌ مان اهي ڪڻڪ خريد ڪري وٺن. اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ناهي رهي ته خوراڪ کاتي جي عملدارن جي آشيرواد سان ئي ڪڻڪ صوبي مان ٻاهر وڃي ٿي ۽ جڏهن دانهون ٿين ٿيون ته وري خوراڪ کاتي جا عملدار رستا روڪي ڪجهه ٽرڪون ڪڻڪ جون پڪڙي پنهنجي ‘احسن ڪارڪردگي’ ڏيکاريندا آهن. اسان سمجهون ٿا ته، سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ گم ٿيڻ ڪو معمولي مسئلو نه آهي. ان جي خريداريءَ تي عوام جي ٽئڪسن جو ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ٻيو اهم معاملو فوڊ سيڪيورٽي جو آهي. خدا نه ڪري، ڪنهن قدرتي آفت اچڻ، فصل نه ٿيڻ، يا فصلن جي تباهيءَ کانپوءِ سرڪار نامدار کي خبر پوي ته سرڪاري گدام خالي آهن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

اربين روپين جي ڪڻڪ گم ٿيڻ واري اسڪينڊل ۾ حڪومت ڪجهه فوڊ انسپيڪٽرن کي معطل ڪيو آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته ڪرپشن جي ايڏي وڏي اسڪينڊل ۾ معطلي ته ڪا سزا ئي ناهي. شفاف جاچ ڪري اصل ڏوهارين کي سخت سزا ملڻ گهرجي، ننڍن ملازمن کي قربانيءَ جو ٻڪر بنائڻ بدران وڏين مڇين کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. سرڪاري گدامن جي انسپيڪشن جو اثرائتو طريقيڪار وضع ڪيو وڃي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته فوڊ انسپيڪٽر ڪڻڪ تي ايڏو وڏو ڌاڙو هڻن ۽ ان کاتي جا اعليٰ اختيار ڌڻي ان سڄي واردات کان بيخبر هجن! اها واردات به لڳ ڀڳ هر سال ٿيندي هجي.