ڪچي ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

0
215
ڪچي ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي
ڪچي ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

سکر: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ اڃا ڪجهه مسئلو آهي، صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، پهرين حيدرآباد کان اڳتي ڪانواءِ ۾ گاڏيون هلنديون هيون، هاڻي اهڙي صورتحال نه آهي

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف وڙهندڙ پوليس آفيسرز ۽ جوانن جي لاءِ سنڌ حڪومت هڪ پئڪيج منظور ڪيو آهي

هن چيو ته پوليس ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ڀرتيون ٿي چڪيون آهن، اڃا وڌيڪ 5 هزار اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، ڪراچي ۾ ڏوهارين جي راڄ وارو تاثر غلط آهي، ڪراچي ۾ هن وقت ڪو به نو گو ايريا نه آهي

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت به ڪئي، وارثن آءِ جي سنڌ کي چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خلاف اڃا ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي، اسان جو قبيلائي تڪرار سان ڪو به تعلق نه آهي

آءِ جي سنڌ چيو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو

هن کي به پڙهندا

ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي: آءِ جي سنڌ

پنجاب جي ڪچي ۾ آپريشن دوران 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 6 گرفتار

ڀريا سٽي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجڻ جي دعويٰ

پنجاب جي ڪچي ۾ آءِ جي پنجاب جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري، ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه