ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي: آءِ جي سنڌ

0
218

ڏهرڪي: آءِ جي سنڌ گهوٽڪي رائونتي واري بچاءَ بند آندل سندراڻي تي پهچي ويو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گهوٽڪي  رائونتي واري بچاءَ بند آندل سندراڻي تي پهچي ويو

آءِ جي سنڌ شهيد  امانت ڌاريجو پوليس پڪٽ تي پهچي افتتاح ڪيو، آءِ جي سنڌ بچاء بند تي قائم  60پوليس چوڪين جو جائزو ۽ تيار  ٿيل چوڪين جو افتتاح ڪندو

آءِ جي سنڌ سان ڊي آءِ  جي سکر، گهوٽڪي ڪشمور ۽  سکر جا ايس ايس پيز به گڏ هئا،  پوليس چوڪين تي شهيد اهلڪارن  جا نالا رکيا ويا،شهيد اهلڪارن  جا وارث به چوڪين تي موجود هئا، آءِ  جي سنڌ کي ڪچي ۾ آپريشن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي

ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اُتر سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن جو وڏو مسئلو آهي، قبائلي تڪرار ۾ ڌُرين جا ڏوهاري پاڻ ۾ وڙهندا آهن،

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي، ڇا اها ڪاميابي ناهي ته پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي

غلام نبي ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته  اي پي سيز بهتر ڪرڻ سان پوليس کي سٺا نتيجا ملي رهيا آهن، ڪوشش آهي ته آپريشن ۾ پوليس جو گهٽ ۽ ڌاڙيلن جو وڌيڪ نقصان ٿئي، ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، آپريشن جا بهتر نتيجا مملي رهيا آهن

هي به پڙهندا

پنجاب جي ڪچي ۾ آءِ جي پنجاب جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري، ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه