خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي واپارين ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻھن محمد حسن کوسو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي زيادتين خلاف مين اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي واپاري محمد حسن کوسو، نظير کوسو ۽ ٻين چيو ته 2 سال اڳ عبدالمجيد قاضي کان شھر وچ ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو، جنهن بعد پوليس اسان جي بنا جواز پلاٽ تي اڏاوت ڪرائڻ کان روڪيو آهي، احتجاج ڪرڻ تي پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.