لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد شاهه بهارو قبرستان واري علائقي مان اڻ سڃاتل نوجوان کي زخمي حالت ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس پهچي نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوليس ٻڌايو ته شاهه بهارو قبرستان مان زخمي حالت ۾ هٿ آيل نوجوان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.