دادو (رپورٽر ) دادو جي اي سيڪشن پوليس مزدورآباد جي کڏ گهٽي ۾ ڇاپو هڻي جهيڙي جي درخواست تي 70 سالن جي پيرسن احمد خشڪ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف گرفتار ٿيل احمد جي زال مسمات صدوري ٻارن سميت اي سيڪشن پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته منشيات فروش جي ڪوڙي درخواست تي پوليس مڙس کي گرفتار ڪيو آهي، مڙس بيگناهه آهي، کيس آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.