ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد پوليس جو سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي درخواستگذار مروان اوڏ جي فرياد تي ڳوٺ دونهائون شريف ڀرسان رضا خان پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هنيو جتي سرن جي بٺي تي مبينا نجي جيل ۾ باندي بڻيل اوڏ برادري جي 42 ڄڻن مردن توڙي عورتن کي بازياب ڪرائي ورتو. سرن جي بٺي تان مبينا بازياب ٿيندڙ مزدورن ۾ کيمشي، پريم، روشن، مڪيش، شنڪر، راج ڪماري، چندرونتي، رميش، راڻي، انيتا، شنيتا، ڪيلاش، راجيش، تارا چند، گنيش، ڌنيش، تاراونتي، چندر، منگهو، پارو، وڪرم، ڀڳيو، چنتا، نارائڻ، ڌني، ڀوري ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سڀاڻي ڪوٽ غلام محمد پوليس سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪندي.