ڪورونا وئڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي جولاءِ کان پگهار بند ڪرڻ جي هدايت

0
710
آدم شماري سوڌو سي سي آءِ جي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيوآهي ته سرڪاري ملازم ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائين، نه ته پگهار بند ٿي ويندي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ ڪورونا صورتحال بابت غور ويچار ڪيو ويو ۽ ويڪسي نيشن جي انگ اکرن جو به جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي مراد علي شاهه ناڻي کاتي کي ويڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي جولاءِ کان پگهار بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران سنڌ واسين کي ويڪسينيشن سينٽر تي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي وڃي ويڪسين لڳرائڻ جي اپيل ڪئي وئي، ترجمان موجب اجلاس ۾ صوبي ۾ 300 بُنيادي صحت مرڪزن کي ويڪسينيشن سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ بي ايڇ ييز ۾ روزاني 30 هزار ڊوز لڳائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي، موبائل ويڪسنيشن ٽيم کي روزاني 60 هزار ڊوز جو هدف ڏنو ويو آهي جڏهن ته 90 نجي اسپتال کي روزاني 10 هزار ڊوز لڳائڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي، صحت کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ هيل تائين 15 لک 50 هزار 553 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي جن مان 11 لک 21 هزار ماڻهو پهرين ڊوز ۽ 4 لک 29 هزار ماڻهو ٻي ڊوز لڳرائي چڪا آهن، ترجمانموجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 78 هزار 799 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي جن مان 57 هزار 541 ماڻهن کي ويڪسين جي پهرين ڊوز لڳائي وئي ۽ 21 هزار 258 ماڻهن کي ٻي ڊوز لڳائي وئي آهي، ٻي پاسي اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هيل تائين 79 لک 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسينيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، هلندڙ سال ملڪ ۾ 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي.