دادو (رپورٽر ) دادو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران بحريه ٽائون خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي پير گمبل شاھ ، جسقم جي نياز چنو جي اڳواڻي وڏي انگ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بحران ٽائون جي مالڪ رياض ملڪ ۽ ڪراچي ۾ سنڌين جا ڳوٺ ڊاهڻ خلاف هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي 2 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين ملڪ رياض خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ۽ دانهيو آهي ته پي پي حڪومت هٿ وٺي ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ ڊاهي زمينون ملڪ رياض حوالي ڪري رهي آهي ، هنن 6 جون تي ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو اعلان ڪيو .

پٿورو (ن پ ا ) پٿورو بحريا ٽائون ۾ سنڌ جي زمين تي قبضي خلاف 6 جون تي اعلانيل ڌرڻي بابت جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ پٿوري شھر ۾ شهر جي مُک راڄڙ پمپ کان شھر جي چوڪ تائين قومي اتحاد جي سڏ تي پنهل ساريو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ارباب ڀيل ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 6 جون تي ملڪ رياض ۽ قبضا مافيا خلاف سڄي سنڌ جو شعور ڪراچي ۾ گڏ ٿيندو سنڌ جي هر ڌرتي سان محبت ڪندڙ فرد تي فرض ٿئي ٿو ته 6 جون تي قومي اتحاد جي سڏ تي ڪراچي۾ گڏ ٿي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو ثبوت ڏينئ ھنـن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آھي ۽ ان جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت اسان جي ذميواري آھي اسان ترقي جا مخالف ناهيون پر ترقي جي نالي تي سنڌ جو وڪرو ناقابل برداشت آھي سنڌي قوم ان عمل جي مزاحمت ڪندي هي ڌرتي قدرت جي طرفان مليل تحفو آھي جنهن کي اسان کي سنڀالڻو آھي ۽ هر طرح سان اسانکي ان جي حفاظت ڪرڻي آھي 6 جون تي پوري سنڌي قوم ڪراچي ۾ گڏ ٿي اهو ثابت ڪندي ته سنڌي قوم پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي محافظ آھي.