جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ پنج سئو رپين جي ڏيتي ليتي تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ سبب فريد، شبير سومرو ۽ گلزار سومرو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.