سکر (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار سکر طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي سينيئر جج جسٽس آفتاب احمد گورڙ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ، سيشن ڪورٽ توڙي ماتحت عدالتن جي ججن توڙي مختلف ڊسٽرڪٽ بارز جي عھديدارن شرڪت ڪئي، ڊسٽرڪٽ بار طرفان جسٽس آفتاب احمد گورڙ، جسٽس فھيم احمد صديقي توڙي اُتي موجود معزز ججن ۽ بار جي عھديدار مھمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا، آجياڻي کي خطاب ڪندي جسٽس آفتاب احمد گوڙ جو چوڻ ھو ته جيڪي به فيصلا ڏنا، قانون موجب ڏنا، جج کي فيصلا ڏيڻ وقت ڪنھن کان ڊڄڻ نه گھرجي، جج جي منصب تي الله پاڪ ئي ويھاريندو آھي، جج الله پاڪ جو نائب ھوندو آھي، ڪنھن جي پريشر ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گھرجن، صرف الله پاڪ کي حاضر ناظر ڄاڻي فيصلا ڏيڻ گھرجن، هن چيو ته الله راضي ٿئي باقي ڪو راضي ھجي يا نه اِن جي کيس ڪا به پرواھ ناھي، هن وڌيڪ چيو ته مان سنڌ بار ڪائونسل، سکر ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جو ٿورائتو آھيان جن ڀرپور تعاون ڪيو. جسٽس آفتاب احمد گورڙ جو چوڻ ھو ته مان ٻين ججن کي به مشورو ڏيندس ته ھو انصاف تي مبني فيصلا ڪن. ڪنھن کي ڪنھن کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ناھي. اِن کان اڳ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري سندر خان چاچڙ، نائب صدر ذوالفقار علي ملاڻو، شفقت رحيم راجپوت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.