ڪوٽڙي: ٽيڪسٽائل فيڪٽري کي باهه، ڪروڙن جو نقصان

0
253
ٽيڪسٽائل فيڪٽري کي باهه
ٽيڪسٽائل فيڪٽري کي باهه

ڪوٽڙي(ن پ ا) ڪوٽڙي جي هڪ ٽيڪسٽائل فيڪٽري جي گودامن ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، ڏھ هزار ڳٺڙيون سڙي رک ٿي ويون، امين ٽيڪسٽائل مل ۾ باهه لڳڻ سبب موجود ڪاٽن جون ڏھ هزار گٺڙيون سڙي ويون،

مل انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪاٽن جون ڳٺڙيون سڙڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اطلاع تي ڄامشورو سميت مختلف فائر اسٽيشنس تان گهرايل فائر برگيڊ جو عملو ۽ فيڪٽري ورڪرز باه وسائڻ ۾ مصروف آهن.