شهرين کي افغانستان نه ڇڏڻ جي تلقين ڪيو: طالبان جو مسجدن جي پيش امامن کي پيغام

0
369

ڪابل: افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ اڄ پهريون جمعو ادا ڪيو ويو ، جنهن ۾ مسجد جي امامن کي هدايت ڪئي وئي ته شهرين کي ملڪ نه ڇڏڻ جي تلقين ڪن.

هڪ غير ملڪي خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب، طالبان ڪابل ۾ مبلغن کي پيغام موڪليا ته مسجدن جا امام ڪابل ۽ ملڪ جي سمورن صوبن ۾ اسلامي حڪم ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن.

طالبان جي پيغام ۾ مبلغن تي زور ڀريو ويو ته اهي شهرين کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ حصو وٺڻ جي حوصلا افزائي ڪن ۽ انهن کي ملڪ ڇڏڻ  کان روڪين.