ڪوٽڙي: منشيات فروشن هٿان قتل ڪيل نوجوان علي رودناڻي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

0
565

ڪوٽڙي(ن پ ا) منشيات فروشن پاران ڇريون هڻي قتل ڪيل نوجوان علي رودناڻي ڪيس بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي، نوجوان علي رودناڻي قتل ڪيس ۾ گذريل رات گرفتار ڪيل جوابدار شيراز شيخ قتل جو اعتراف ڪري ورتو، جوابدار شيراز شيخ جو چوڻ آهي ته جاويد شيخ مقتول نوجوان کي ريلوي ڪالوني جي ڪوارٽر تي وٺي آيو، هر روز گڏجي آئيس جو نشو ڪندا آهيون، نشي ۾ ڇريون هڻي کيس قتل ڪيم، جوابدار جو چوڻ آهي ته چئن دوستن گڏجي آئيس پئي پيتي، جنهن تان منهن ماري ٿيڻ تي ڇريون هڻي کيس قتل ڪيم، ٻيا دوست گڏ ضرور هئا پر قتل ۾ شامل ناهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، باقي جوابدار اڳواٽ حفاظتي ضمانت تي آهن، واضح رهي ته ڪوٽڙي جي شاهه لطيف چوڪ جي رهواسي 22 ورهين جي نوجوان علي رودناڻي کي 2 ڏينهن اڳ بيرحماڻي نموني قتل ڪيو ويو هو.