ڏهرڪي: ڀرچونڊي پير زمين جي مالڪي تان پاڻ ۾ وڙهي پيا، انڌا ڌنڌ فائرنگ

0
1359
ڀرچونڊي پير زمين جي

ڏهرڪي(ن پ ا) ڀرچونڊي پير زمين جي مالڪي تان پاڻ ۾ وڙهي پيا ,هڪٻئي مٿان شهر اندر انڌا ڌنڌ فائرنگ، ڀرچونڊي پير ميان منظور احمد ۽ ميان انوار وارن جي هڪ ٻئي مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ سبب ميان سميع محلي ۾ خوف پکڙجي ويو، چاچن ۽ ڀائٽين پاران زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙآهي، ان ح حوالي سان ميان منظورجو چوڻ آهي ته ميان انوار وارن منهنجي پٽن تي فائرنگ ڪئي، چاچو ميان منظور اسان جي زمين تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آھي اسان مٿان فائرنگ ڪئي ويئي آھي.