نوري آباد (ن پ ا) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي نوري آباد ويجهو صوفي حيدر پالاري ۽ اديب درمحمد پالاري جي وفات تي سندن وارثن سان تعزيتون ڪيون، ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالھائيندي چيو ته ڪوهستان جي ماڻھن جي زمينن تي بلڊرز مافيا قبضا ڪري سوسائٽيون ٺھرائڻ جو منصوبو تيار ڪري رھيا آھن، جنهن خلاف ايس ٽي پي جلد مڪمل تحريڪ ھلائيندي، هن وڌيڪ چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جي غلط پاليسين سبب مھانگائي عروج تي آھي، غريب ماڻھو بک، بدحالي سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن، هن چيو ته عدالتن کي گهرجي ته ڪوھستان جي زمينن تي ناجائز والار بابت نوٽيس وٺي غريب مسڪين ماڻھن کي زمينن جا مالڪاڻه حق ڏنا وڃن.