هالا (ن پ ا) هالا شهر جي انصاري پاڙي ويجھو رهندڙ سومرا برادري جون 7 نينگريون گيسٽرو وگهي بيهوش ٿي ويون، بيهوش ٿيل نينگرين شهناز سومرو، بختاور، صبا، عاصما، عميره، صدرا ۽ زاهدان ڌيءَ محمد اسماعيل سومرو کي سندن وارثن بيهوشي جي حالت ۾ تعلقي اسپتال هالا پهچايو، جتي موجود ڊاڪٽرياڻين جي 6 ڪلاڪن بعد نينگرين کي هوش ۾ آندو، ان حوالي سان تعلقي اسپتال هالا جي ايم ايس حاجي احمد ميمڻ ٻڌايو ته هالا ۾ گيسٽرو جي وبا ڏينھون ڏينھن وڌي رهي آهي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عوام ۾ گيسٽرو کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آھي، هن چيو ته گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن جي علاج لاءِ هڪ خصوصي وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي.