ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 12 ورهين جي نينگر نور احمد پٽ نور محمد سولنگي سان مبينا طور جوابدار پاران بدفعلي ڪئي وئي، اهڙو اطلاع ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي نينگر جي والد نورمحمد سولنگي ڏنو آهي، ان حوالي سان نينگر جي والد نور محمد سولنگي ٻڌايو ته جوابدار منصور ۽ طارق ساند زبردستي پٽ سان بدفعلي ڪئي آھي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدار بااثر آهن، پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪيس داخل به نه ٿو ڪيو وڃي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.