ٿاڻوبولاخان( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان تعلقي جي هيڊڪواٽر سميت ڪوهستان جي ڏوراهين علائقن ۾ قائم اسپتالون ۽ ڊسپينسريون غريب عوام جي لاء ڀي لاڀ بڻيل آهن. ڪنهن به شھر ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ميٽرنٽي هوم نه هئڻ ڪري سوين عورتون ويم دوران موت جي ورچڙهي وڃن ٿيون. سالن کان هيڊڪواٽر شھر ٿاڻوبولاخان جي تعلقي اسپتال ۾ قائم ٿيل ايئرڪنڊيشن ميٽرنٽي هوم 5 سال اڳ وقتي طور شروع ڪيو ويو پر بعد ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪيو ويو. جنهن سبب ڪوهستان جي ڏوراهين ۽ جابلو علائقن  ٽڪوبارڻ ،  ڪوهتراش ، ٿاڻوعارب خان، ڪرچات ، ڀال ، ريڪ ، تونگ لوياڇ  ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن مان ايندڙ ڳورهاريون عورتون رستي ۾ فوت ٿيو وڃن ۔ ڏيڊ لک آبادي واري تعلقي ٿاڻي بولاخان تعلقي جي ميٽرنٽي وارڊ ۾ صرف هڪ ليڊي ڊاڪٽر نختلف ڏينھن تي مقرر ٿيل آهي جڏھن تہ باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٿاڻوبولاخان شھر جي تعلقه اسپتال مقرر 4 ليڊي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڊيوٽي ڪرڻ بجاء گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي ٿاڻوبولاخان سميت ڪوهستان جي ٻي ڪنهن به شھر ۾ ميٽرنٽي هوم جي سهولت نه هجڻ سبب بي پهچ ۽ غريب عورتون علاج لاء ڪراچي يا حيدرآباد وڃڻ تي مجبور آهن. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنيادن تي ھن ترلقہ اسپتال جي ميٽرنٽي هوم سميت ٻين شعبن کي فعال بڻائي ڪوھستان جي عوام کي فائدو ڏئي سگھجي.