جوهي (ن پ ا) جوهي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن  واهر نه ٿيڻ خلاف ڇنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آھي، اڪبر پنهور، آفتاب پنهور،امين وگهيو، ايوب لغاري، اصغر رستماڻي ۽ ٻين چيو ته جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ وڏي تباھي مچائي ڇڏي چونڊيل نمائيندن ضلعي انتظاميا ته ٻوڏ متاثرن کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو پر جوهي تعلقي اندر ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون به سياسي ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سياسي  ماڻھن جي اشارن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن خلاف ڪاروائي ڪري جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي ٻئي پاسي پٽ گل محمد ٿاڻي  جي حد ۾ تيرهن ڏينهن اڳ پيرسن پريل اوتيري جو ڪڻڪ جي فصل مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، سندس وارثن نظير، نواب اوتيرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته پريل جي قتل واري واقعي کي تيرهن ڏينهن گذرڻ باوجود پٽ گل محمد پوليس قاتلن جي ڳولا نه ڪري سگهي آھي. پوليس شڪ جي بنياد تي ماڻھو گرفتار ڪري انهن کان رشوت وٺي ڇڏي ڏيندو آھي. ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي.