خيرپور (رپورٽر) ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪانڌڙو جي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل مامي ڀاڻيجي مسعود علي ڪانڌڙو ۽ مختيار ڪانڌڙو جي اغوا واري واقعي کي 10 ڏينهن گذري وڃڻ ۽ ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن ڏانهن فون ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ 8 لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جي باوجود پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته خيرپور پوليس اسان سان ڪوبه تعاون نه پئي ڪري، ڌاڙيلن اسان ڏانهن فون ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ 8 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي پر اسان مسڪين ۽ غريب آهيون اسان ايتري رقم ادا ڪرڻ کان قاصر آهيون. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ڌاڙيل مسعود علي ڪانڌڙو ۽ مختيار ڪانڌڙو کي جاني نقصان پهچائي سگهن ٿا.