چڪ (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ ڊرائيوريءَ جي پرائيويٽ نوڪري ڏيڻ بهاني ڪنڌڪوٽ گهرائي اغوا ڪيل چڪ واسي نوجوان ڊرائيور نياز سيٺار بازياب ٿي نه سگهيو آهي، جنهن سندس گهر ۾ هڪ هفتي کان سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي، نوجوان جي امڙ ۽ ونيءَ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن، مغوي نوجوان جون معصوم نياڻين پاران پاڪ ڪتاب کڻي آءِ جي سنڌ کان پيءُ جي بازيابيءَ جي درخواست ڪئي آهي، هوڏانهن ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري سندن سان مغوي کي ڳالهرايو، مغوي فون تي وارثن کي چيو ته خدارا مون کي بازياب ڪرايو، مون تي بدترين تشدد ڪري هڪ ڄنگهه ڀڃي سخت گرمي جي موسم ۾ کڏ ۾ اڇليو ويو آهي، ان حوالي سان مغوي جي وارثن مامي غلام قادر سيٺار، جادل سيٺار ٻڌايو ته ڌاڙيل ٻيو ڀيرو رابطو ڪري 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون، ڀنگ نه ڪري سگهنداسين، وس وارا نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائين.