ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ واحد بخش مگسي واسي 5 ڏينھن کان لاپتا نوجوان جي وارثن شاھنواز شيخ، مائي نذيران خاتون پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته غلام حيدر شيخ کي 5 ڏينن اڳ ڪنھن فون ڪري گھر کان ٻاھر گھرايو هو، هنن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري نوجوان جي بازيابي لاءِ 15 لک ڀنگ گهريو آهي، غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون؟ پوليس به مدد نه ٿي ڪري.