حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دادو ضلعي جي پاڻي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو چيف سيڪريٽري سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي آءِ بي اي سکر ۾ مقرر وائيس چانسلر جي ڪارنامي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته هن هڪ ئي رات ۾ 8 انسٽيٽيوٽ بند ڪرائي ٽرڪن ذريعي اتان سامان به کڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪوريا ۾ قائم جيلن ۾ به آءِ ٽي جي سهولت فراهم ٿي چڪي آهي پر افسوس آهي ته سنڌ ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي جي سهولت ڏيڻ بدران سينٽر ئي بند ڪيا ويا آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت کي ڄاڻايل معاملي بابت مطمئن نه ڪري سگهيو.