حيدرآباد: سنڌ سرڪار فنڊز جي کوٽ ۽ آبادي ۾ اضافو پاڻي جي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم گهٽ ٿيڻ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو آهي ته واٽر ڪميشن پاران ڏنل سفارشن تي 60سيڪڙو عمل ڪري چڪا آهيون، دادو ضلعي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب ڪجھه ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿيا آهن پر سنڌ سرڪار گهڻي حد تائين معاملا حل ڪري چڪي آهي. هن چيو ته عدالت کي خاطري ڪرائي آهي ته حڪمن تي عمل ڪري هر ٽئين مهيني اڳڀرائي رپورٽ فراهم ڪنداسين. چيف سيڪريٽري دعويٰ ڪئي ته ٽن هفتن ۾ 138 غير فعال آر او پلانٽ فعال بڻايا آهن پر آبپاشي کاتي ۾ ڪجهه اهڙيون اسڪيمون به رولڙي جو شڪار آهن جن تي وڏي لاڳت ايندي. چيف سيڪريٽري چيو ته موسمياتي تبديلي آئي آهي، ان مطابق هاڻي منصوبابندي ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته غير معمولي برساتن سبب اسان کان وڌيڪ ايڊوانس ملڪ به پريشان پيا ٿين جڏهن ته ڪلائمٽ زون ۾ پاڪستان اھڙو ملڪ آهي جتي اثر وڌيڪ ٿيندو. هن چيو ته ڄاڻايل ڪيس دادو ضلعي جي حوالي سان هو پر هو سڄي سنڌ ۾ عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن کين بنيادي سهولتون فراهم ٿي سگهن. سيد آصف حيدر شاهه چيو ته حيدرآباد، دادو سميت ٻين ضلعن ۾ غيرفعال فلٽر پلانٽ توڙي آر او پلانٽ فعال بڻايا  ويندا ته جيئن شهرين کي آساني سان صاف پاڻي جي فراهمي ٿي سگهي. هن چيو ته حيدرآباد جي آبادي وڌي وئي آھي جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ٿئي پئي پر واسا سميت ٻين عملدارن کي پابند بڻايو آهي ته کوٽ جو پورائو ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اياز تنيو جي دعوت تي بار جو دورو ڪري وڪيلن سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته بار جي هر سٺي ڪم جي سپورٽ ڪئي ويندي.