نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ اڄ کان عام چونڊون شروع ٿي ويون آهن. ڀارت جي سمورين رياستن ۾ ٿيندڙ چونڊون 7 مرحلن ۾ مڪمل ٿينديون جيڪي 19 اپريل کان پهرين جون تائين جاري رهنديون. نتيجن جو اعلان 4 جون تي ڪيو ويندو. چونڊن ۾ سڀ کان اهم اميدوار نريندر مودي کي قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن هو ڪامياب ٿي ويو ته لاڳيتو ٽيهر وزيراعظم ٿيندڙ ٻيو ماڻهو هوندو.