ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ )سنڌ هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ڪالهه چيف جسٽس عقيل احمد عباسي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي  ڪئي ، جنهن دوران وفاقي گهرو وزارت طرفان جواب جمع ڪرايو ويو درخواستگذار جي وڪيل کي گهرو وزارت جي جواب جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي، عدالت وفاقي گهرو وزارت جو جواب به عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو، عدالت اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جيل جي سيڪيورٽي جو مسلسل جائزو وٺي رهي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته لاڳاپيل اختياريون جيل اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي وڌائين، درخواستگذار کي خدشا آهن ته هو لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو، گهرو کاتي پاران جواب ۾ چيو ويو آهي  ته سڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان جي راءِ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سيڪيورٽي وڌائي وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي خطرن کي نظر ۾ رکندي انتظام ڪرڻ جو چيو آهي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو توهان جي جيل ۾ آهي، ان جي حفاظت توهان جي ذميواري آهي، سرحد پار کان خطرو آهي، ڌمڪين کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، ايتريون ايجنسيز  آهن، انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڪٿان اچي رهيو آهي؟ ۽ ڪڏهن حملو  ڪري رهيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو چيو آهي، عدالت چيو ته وفاقي حڪومت ائين جان نه ٿي ڇڏائي سگهي، ٻاهران حملي جو خطرو آهي ته وفاقي حڪومت معاملي کي ڏسندي، اسان معاملي جي سنجيدگي کي ڏسندي جواب طلب ڪيو هو، چيف جسٽس درخواستگذار کي چيو ته توهان جي ليگل ٽيم کي گهرجي ته صحيح  جڳهه تي وڃي درخواست داخل ڪرائي، توهان هتي چئي هليا وڃو ٿا ته پويان ڳالهيون ٿين ٿيون ته پي ٽي آءِ  باني کي رليف ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته اسان کي قانون موجب  معاملن کي ڏسڻو پوندو آهي، پوءِ اهو پي ٽي آءِ جو باني هجي يا نواز شريف، سڀاڻي توهان چوندا ته پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا مان سنڌ منتقل ڪيو وڃي،عدالت پي ٽي آءِ باني کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي،ا نهي کان اڳ وفاقي گهرو وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته دهشتگرد اڊيالا جيل سميت راولپنڊي ۾ وڏي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پهريون نشانو راولپنڊي آهي، گهرو وزارت پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ۾ اهم شخصيتون ۽ فوجي تنصيبات دهشتگردن جي نشاني تي آهن، اهو دشمن ملڪن جي ايجنسين ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جو منصوبو آهي، گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان مخالف عنصر ملڪ ۾ سياسي انتشار ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، قيدي جي سيڪيورٽي ۽ امن امان صوبائي معاملو آهي، ان حوالي سان ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، گهرو وزارت استدعا ڪئي ته پي ٽي آءِ باني جي سيڪيورٽي لاءِ  درخواست رد ڪئي وڃي،