ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 243 تي سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار شجاعت علي خان پ پ ايم اين اي جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران شجاعت علي خان موقف اختيار ڪيو ته آئون فارم 45 موجب 22 هزار کان وڌيڪ ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهيان، انهي باوجود مون کي شڪست ڏياري وئي، جڏهن ته فارم 47 موجب پ پ اميدوار قادر پٽيل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، هن درخواست ڪئي ته ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ قادر پٽيل، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين کي 7 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا .