اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ڪورونا جي حوالي سان ملندڙ غيرملڪي امداد جا تفصيل طلب ڪندي ويڪسين جي خريداري بابت وزارت قومي صحت ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کان ان ڪيمرا بريفنگ طلب ڪئي آهي. ڪالهه رانا تنوير حسين جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، نواز ليگ جو رانا تنوير صحت وزارت جون تعريفون ڪرڻ لڳو،هن چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت وزارت جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، صحت جي عالمي اداري به پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي پر 1200 ارب ڪيڏانهن ويا، ان جو ضرور پڇنداسين، حيران آهيان ته انهن ماڻهن کي به پيسا ڏنا ويا، جن جو ڪو تعلق ئي نه آهي، ڪورونا فنڊ مان ٽيڪس ريفنڊ جي رقم به ادا ڪئي وئي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ پيسا ڏنا، اوهان وزارتن ۾ ورهائي ڇڏيا ته موج ڪريو. ناڻي وزارت جي ايڊيشنل سيڪيريٽري ٻڌايو ته ويڪسين خريدڻ لاءِ 350 ملين ڊالر ڏنا ويا ۽ ڪورونا پيڪيج جي 1240 ارب رپين ۾ ڪا به غيرملڪي امداد شامل ناهي، 385 ارب رپيا بقايا پيا آهن جيڪي ويڪسين خريدڻ لاءِ استعمال ٿيندا.